راشدي  مهتاب اڪبر

راشدي مهتاب اڪبر

راشدي مهتاب اڪبر

راشدي، مهتاب اڪبر: سنڌ جي ناليواري اديب، ڪمپيئر، تعليمدان ۽ سرڪاري عملدار مهتاب اڪبر راشديءَ جو اصل نالو بدرالنساءِ آهي. سندس جنم14 آگسٽ 1947ع تي محمد عيسيٰ چنا جي گھر ۾ نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو. سندس والد تعليم کاتي ۾ ملازم هو ۽ حيدرآباد ۾ نوڪري ڪندو هو، تنهنڪري سندس خاندان جو حيدرآباد ۾ رهڻ ٿيو. جتي هن مئٽرڪ 1963ع ۾، بـي. اي 1967ع ۾، ايـم. اي (سياسيات: 1969ع ۾) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪري 1971ع ۾ بي. ايڊ جي ڊگري حاصل ڪئي. ان دوران سندس شادي 1968ع ۾، راڄپر خاندان ۾ ٿي، پر قضا سان ڪجهه ڏينهن اندر ئي سپر هاءِ وي تي روڊ حادثي ۾ سندس گهر وارو گذاري ويو. هن حادثي کان پوءِ به هن همت نه هاري ۽ تعليم جو سلسلو ٻيهر شروع ڪيو. يونيورسٽي آف مانچسٽر، آمريڪا مان ايم. اي (سياست) 1978ع ۾ ڪيائين. تعليم پوري ڪرڻ کانپوءِ پهريان سينٽ ميريز ڪانوينٽ هاءِ اسڪول حيدرآباد ۾ 1971ع ۾ استاد ۽ ان کانپوءِ 1973ع کان 1977ع تائين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انٽرنيشنل رليشنز ڊپارٽمينٽ ۾ ليڪچرار، 1977ع کان 1979ع تائين اسسٽنٽ پروفيسر ۽ بعد ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر رهي. آخر سال 1979ع کان 1980ع تائين چيئرپرسن ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشنز جي عهدي تي رهي. ان کانپوءِ گورنمينٽ ملازم جي حيثيت سان 1983ع کان 1985ع تائين ڊائريڪٽر يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن حيدرآباد ريجن، آگسٽ 1985ع کان سيپٽمبر 1988ع تائين ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، پوءِ ڊائريڪٽر لياقت نيشنل لئبرري ڪراچي ۽ 88-1989ع تائين سيڪريٽري ثقافت ۽ سياحت کاتو حڪومت سنڌ، ڪجهه وقت نئين محڪمي انوائرنمينٽ پروٽيڪشن ايجنسيءَ ۾ ڊائريڪٽر جنرل ماحوليات رهي، 1997ع کان 1999ع تائين سيڪريٽري سوشل ويلفيئر حڪومت سنڌ، سيڪريٽري تعليم ۽ پوءِ ڊائريڪٽر جنرل محتسب اعليٰ سنڌ جي عهدن تي ڪم ڪيائين.
ان کانسواءِ ڪيترن قومي ۽ بين الاقوامي، تعليمي، سياسي ۽ سماجي ادارن جي بورڊ يا گورننگ باڊيءَ جي ميمبر ۽ عهديدار به رهي چڪي آهي. هوءَ سگا (خواتين) شاخ سنڌ جي ٻه ڀيرا صدر به رهي چڪي آهي.
مهتاب اڪبر راشدي، فن جي شعبي سان به گھڻو لاڳاپيل رهي آهي. ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تي 65-1967ع تائين بدر چنا جي نالي سان ڊرامن ۾ آرٽسٽ طور ڪم ڪيائين. 74-1978ع تائين ريڊيو تي ڪمپيئر به رهي. پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر تي 74-1980ع تائين لڳاتار سنڌي اردو پروگرامن جي ڪمپيئر ۽ ميزبان طور ڪم ڪيائين. ٽي. ويءَ تي ضياءُالحق سرڪار پاران رئو پائڻ لاءِ مليل حڪم نه مڃڻ تان کيس شهرت حاصل ٿي. مهتاب اڪبر راشدي ذاتي طرح توڙي سرڪاري حيثيت ۾ مختلف ڪورسن، ڪانفرنسن يا وفدن سان شرڪت جي سلسلي ۾ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا، جن ۾: آمريڪا، ڪئناڊا، انگلنڊ، سنگاپور، فرانس، جاپان، چين، بئنڪاڪ، سريلنڪا، مالديپ، سعودي عرب، دبئي ۽ اٽلي شامل آهن.
هن انگريزيءَ ۾ هيٺيان ڪتاب لکيا آهن:
1. Mouzi Thoughts On Imperialism
2. Big Power On Four Japanese Islands
3. Mekawali’s Concept of Neutrality
4. Tashkent and Shimla Agreement: A Comparative Study
5. India Pakistan Relations.
مهتاب اڪبر راشديءَ جي شخصيت گھڻ پاسائين رهي آهي. هوءَ هڪ ليکڪ، استاد، ريڊيو آرٽسٽ ۽ ٽي وي ڪمپيئر، فني، ثقافتي، علمي ۽ ادبي ادارن سان وابسته رهي آهي. هوءَ ذهانت ۽ تقرير جي فن سان گڏ اعليٰ شخصيت جي مالڪ آهي، هيٺئين وچولي طبقي جي هڪ پرائمري استاد جي گھر ۾ جنم وٺندڙ مهتاب، جنهن سماج ۾ پنهنجي لڳاتار محنت ۽ جدوجهد سان مڃتا ماڻي، پنهنجي لاءِ جڳهه پيدا ڪري سنڌي نارين لاءِ مثال قائم ڪيو آهي. هن وقت هم ٽي وي ۾ هڪ اهم عهدي تي ڪم ڪري رهي آهي. هن 26 فيبروري 1981ع تي انجينئر سيد اڪبر حسين راشديءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻن پٽن: رافع ۽ صهيب جو اولاد آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1947.08.14  عيسوي

سنڌ جي ناليواري اديب، ڪمپيئر، تعليمدان ۽ سرڪاري عملدار مهتاب اڪبر راشديءَ جو اصل نالو بدرالنساءِ آهي. سندس جنم14 آگسٽ 1947ع تي محمد عيسيٰ چنا جي گھر ۾ نئين ديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ ٿيو.


1981.02.26  عيسوي

هن 26 فيبروري 1981ع تي انجينئر سيد اڪبر حسين راشديءَ سان شادي ڪئي، جنهن مان کيس ٻن پٽن: رافع ۽ صهيب جو اولاد آهي.



اديب - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

اندرا واسواڻي
جهانگياڻي سنتداس
گوبند پنجابي
عـزيـز ڪـنگـراڻـي
آغا ظفر
خانائي حامد علي قريشي
عنايت الله زنگيجو
محمد خان سيال
شبير احمد مخدوم
اويس ڀٽو
اديب ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون